اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) سفير محمد سائرس سجاد قاضي پاڪستان جي 32 هين پرڏيهي سيڪريٽري طور ذميواريون سنڀالي ورتيون. کيس پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان جي رٽائرمينٽ کانپوءِ نئون پرڏيهي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. محمد سائرس سجاد قاضي ٻط??في ۽ گهڻ رخي سفارتڪاري جو وسيع تجربو رکي ٿو. هو ڀارت، آمريڪا ۽ گڏيل قومن (جنيوا) ۾ سفارتي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. هو 2015ع کان 2017?? تائين هنگري ۾ ۽ 2017ع کان 2022?? تائين ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير رهيو آهي.