اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو 12 هون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستاني وفد جي قيا??ت ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته ناروي جي وفد جي قيادت پرڏيهي ??زارت جي علائقائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ويجبورن ڊيسوِڪ ڪئي. ٻنهي طرفن 2021ع ۾ منعقد آخري ٻطرفي سياسي مشاورت کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو ??ائزو ورتو ۽ سيڙپڪاري، جهاز راني، موسمياتي تبديلي، قابل تجديد توانائي ۽ اعليٰ تعليم سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناروي پاڪستان جو هڪ اهم سيڙپڪاري پارٽنر آهي. ناروي جي وفد کي پاڪستان حڪ??مت پاران تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ بريفنگ ڏني ??ئي ۽ ان کي ڪائونسل سان پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جا امڪان ڳولڻ جي دعوت ڏني وئي.