اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪا??ڙ ملڪ ۾ وڌيڪ شپ يارڊز جي تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ انهن منص??بن ۾ ماحولياتي عنصر جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ سامونڊي جهازن جي تعمير جي پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ شپ يارڊز جي تعمير جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ سوربندر، ايسٽ بي، ڪپر ۽ پشو خان جي جاين تي شپ يارڊز تعمير ڪري سگهجن ٿيون. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ وڌيڪ شپ يارڊز جي تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شپ يارڊز جي تعمير جي منص??بن ۾ ماحولياتي عنصر جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سامونڊي ??لا??قن ۾ غيرقانوني ٽرالنگ جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ ه??ايت ڪئي.