اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل وزارتن کي ربيع جي فصل لاءِ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پ??ش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگر??ن وزيراعظم جي صدارت ۾ ربيع جي فصل لاءِ يوريا جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. ربيع جي فصل لاءِ آبادگارن کي وقت سر ۽ بنا رڪاوٽ ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. نگر??ن وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي وڏي اسٽاڪ جو به مناسب ۽ وقت سر ??ندوبست ڪيو وڃي. ضلعي انتظاميا ڀاڻ جي قيمتن تي گهري نظر رکي. اجلاس کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي تازي پ??داوار ۽ گهربل متوقع گهرج بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي ڀ??ڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نگر??ن وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي ربيع جي فصل لاءِ ڀاڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ٺاهي پ??ش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ڀ??ڻ جي پ??داوار جي خام مال جي قيمتن، ڀاڻ جي موجوده قيمت، ڀاڻ فيڪٽرين کي گئس جي فراهمي ۽ طلب بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ نگر??ن وفاقي وزير گوهر اعجاز، ڪوثر عبدالله ملڪ، محمد علي، نگر??ن وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.