اسلام آباد ??? 17 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو هڪ وڏو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ??وادر جي مقامي ماڻهن کي رو??گار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي گوادر بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جي وف?? ملاقات ڪئي. وف?? ۾ گوادر شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس ايسوسيئيشن جو صدر عبدالرحيم ظفر، سيڪريٽري جنرل حميد بلوچ ۽ فيصل دشتي شامل هئا. ملاقات ۾ وف?? نگران وزيراعظم کي درخواست ڪئي ته گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال بڻائڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي سرڪاري ڪارگو جو ڪجهه حصو گوادر بندرگاهه تان پاڪستان درآمد ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان هڪ ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته گوادر بندرگاهه ويجهي مستقبل ۾ سامونڊي رستي سان واپار جو مرڪز هوندو، حڪومت گوادر بندرگاهه ۾ صنعتون قائم ڪرڻ ۽ صنعتي علائقن سان مواصلاتي رابطن جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ??وادر جي مقامي ماڻهن کي رو??گار ۽ عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي سي پيڪ جي ان اهم بندرگاهه جي ترقي جي لاءِ اهميت رکي ٿي. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته گوادر ۾ فشريز جي صنعت کي جدت ڏني وڃي، ??وادر ۾ مُهاڻن کي جديد مشينري، ٻيڙين ۾ انجڻ ۽ نيويگيشن اوزارن ۽ عالمي سطح تي لاڳو معيار موجب مڇيءَ جهلڻ جي طريقيڪار جي لاءِ پيشيواراڻي تربيت ڏني پئي وڃي، ??وادر تان فشريز جي شعبي ۾ برآمدات جي وسيع صلاحيت مان ڀرپور فائدو کنيو ويندو. وف?? نگران وزيراعظم کي شپنگ ڪليئرنگ ايجنٽس جي مسئلن جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم وف?? کي انهن جي مسئلن جي ترجيحي بنيادن تي حل جي خاطري ڪرائي. وف?? نگران وزيراعظم کي گوادر ۾ مُهاڻن جي مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو. وف?? حڪومت جي مُهاڻن کي رو??گار جي فراهمي، پيشيواراڻي تربيت ۽ گوادر جي مجموعي طور تي مسئلن جي حل لاءِ قدمن کي ساراهيو.