ڊيو??س ?? 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ غيرملڪي?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين اجلاس جي موقعي تي پاٿ فائنڊرز بريڪ فاسٽ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جي سوال جو جواب ڏيندي ڪيو. ان حوالي ??ان وزيراعظم ??فيس پاران سوشل ميڊيا ايڪس تي ان تقريب جي وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو ۾ نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي ٻين ادارن ??ان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، پاڪ فوج سميت حڪومت جا سمورا ادارا ان جو حصو آهن، پاڪ فوج غيرملڪي سيڙپڪارن جي تحفظ سميت ٻين معاملن ۾معاونت فراهم ڪري رهي آهي، ايس آءِ ايف سي جو غيرملڪي سيڙپڪارن تي اعتمادسازي ۾ اهم ڪردار آهي.