اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس ۾ سينيٽ جي ڪابينا سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرپرسن سين??ٽر سعديه عباسي ??ري رهي هئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ڪلب ۾ انتظامي سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پ??رلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير سوال ڪيو ته اشرافيه کانسواءِ اڄ جو حبيب جالب، آرٽسٽ، فنڪار اسلام آباد ڪلب جي ميمبر شپ وٺي سگهي ٿو؟ اجلاس ۾ اسلام آباد ڪلب ۾ انتظامي سڌارن جي حوالي سان بريفنگ کانسواءِ ٻيا معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.