اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن وفاقي وزير جي آجي??ن ڪئي. عطاءُ الله تارڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ آهي، هو تڪ ??ين اي 127 لاهور تان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي. ايوان صدر ۾ بحيثيت وفاقي وزير حلف کڻڻ کانپوءِ اڄ اڱاري ڏينهن اطلاعات واري وزارت ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اطلاعات واري وزارت جا دروازا صحافي برادري جي لاءِ کليل رهندا، ملڪ ۾ مثبت ۽ تعميري صحافت کي فروغ ڏيڻ ۽ حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ پا??يس??ن کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميڊيا عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ پل جو ڪر??ار ادا ڪري ٿي، ??ن ڪردار کي بهتر طريقي سان نڀائڻ جي ضرورت آهي.