اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ سڌارن ۽ ترقي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ نئين مضبوط ۽ پرجوش ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي ڪم ڪرڻ تي متفق ٿي ويا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان ڏکڻ ايشيا جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي علائقائي نائب صدر مارٽن رائسر وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪنٽري نمائندو ناجي بينهسين پڻ موجود هو. مارٽن رائسر جي آجيان ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان جي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ بئنڪ پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. هن وفد کي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا بابت ٻڌايو جنهن ۾ ٽيڪس جي پوري نظام جي ڊيجيٽائيزيشن، پاور سيڪٽر ۾ سڌارن، زرعي شعبي ۾ في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي، ٻارن جي واڌويجهه جي مسئلي کي حل ڪرڻ شامل آهي. پاڪستان جي جارحاڻي سڌاراجاتي ايجنڊا کي ساراهيندي مارٽن رائسر چيو ته عالمي بئنڪ پائيدار ترقي جي مقصد سان معيشت جي تبديلي جي سفر ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي ڌرين هڪ نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت هڪ ڊگهي مدي واري حصيداري ۾ شامل ٿيڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ س??لي??ني جائزي مڪينزم سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته نتيجا حاصل ٿين، حڪمت عملي ۾ مستقبل جي ضرورتن جي شمويلت لاءِ لچڪ شامل هوندي، نئين حصيداري هڪ ڏهاڪي دوران پاڪستان جي لاءِ اهم ترقياتي ترجيحن جي مخصوص ڏس ۾ تبديلي جا اثر حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي. ترجيحن جي شر??عاتي شعبن ۾ جن تي اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي انهن ۾ ڍانچاجاتي اقتصادي سڌارا بشمول گهريلو وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ خاص طور تي ڊيجيٽلائيز??شن ۽ ٽيڪس پ??لي??ي ۾ سڌارا شامل آهن. انساني سرمائي جي واڌويجهه خاص طور تي ٻارن جي واڌويجهه ۽ بنيادي تعليم کي بهتر بڻائڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اهڙي طرح توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، بشمول ٽرانسم??شن ۽ ڊسٽري بيوشن ۾ نجي شعبي جي حصيداري ۾ اضافي ۽ توانائي کي سستو، صاف سٿرو ۽ مالي طور تي پائيدار بڻائڻ جي لاءِ گرين انرجي طرف منتقلي تي پڻ اتفاق ڪيو ويندو. پاڻي جي وڌندڙ کوٽ ۽ آبهوا بابت تبديلي کي بهتر طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين موسمياتي موافقت ۾ تعاون تي زور ڏنو. زرعي شعبي سميت ??عا??ي موقعن ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان عالمي مهارت ۽ بهترين طريقن کي متحرڪ ڪرڻ، اداراجاتي صلاحيت جي تعمير، ڊيجيٽل تبديلي مان فائدو کڻڻ ۽ نجي شعبي جي حصيداري ۾ عالمي بئنڪ، نجي شعبي، عالمي م??لي??تي اداري، ڪارپور??شن ۽ گهڻ رخي سيڙپڪاري جي گارنٽي ايجنسي جي ذريعي عالمي سطح جي مهارت مان فائدو کنيو ويندو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نئين ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي تياري جو عمل وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏوگڏ تعليمي ماهرن، پارليامينٽ ميمبرن، سول سوسائٽي، ترقياتي حصيدارن ۽ نجي شعبي سان مشاورت تي ٻڌل هوندو. عالمي بئنڪ ڌرين سان رابطو قائم ڪندي ته جيئن حصيداري جي ترجيحن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي جيڪا پاڪستان حڪومت جي اهم ترقياتي ترجيحن ۽ حڪمت عملي موجب آهي. عالمي بئنڪ جي ڪنٽري نمائندي مسٽر ناجي بينهسين ۽ اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ان سلسلي ۾ پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پڻ موجود هو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪم??شن ڊاڪٽر جهانزيب خان ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.