اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، چين پاڪستان جي ت??قي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو، چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آه??، روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني ت??ربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان زرعي پيداوار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي ڪاربند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي لاءِ اسان کي پنهنجي افرادي قوت کي بهترين فني ت??بيت ڏيڻي آهي، پاڪستان آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جا پلانٽ لڳائين. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي نمائندن جي وفد وزير??عظ?? هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزير??عظ?? وفد کي ڀليڪار چيو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، چين پاڪستان جي ت??قي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو. وزير??عظ?? چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي حوالي سان سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ان حوالي سان هڪ جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزير??عظ?? چيني ڪمپنين کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بي ٽو بي ٽرانزيڪشنز تحت صنعتون لڳائڻ جي ت??غيب ڏني. هن چ يني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ پنهنجون صنعتون قائم ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزير??عظ?? چيو ته سي پيڪ ٽو جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، منهنجي چين جي ايندڙ دوري جو محور سي پيڪ ٽو ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جو وڌيڪ فروغ هوندو. وزير??عظ?? چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي خوشي ۽ اطمينان جو سبب آهي، چين جهڙي طرح 700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اهو اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني ت??ربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. وزير??عظ?? چيو ته چين پاڪستان جي برامدات کي چين ۽ خطي جي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي ت??ربن جي روشني ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. وزير??عظ?? چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جا خواهشمند آهيون، پاڪستان آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزير??عظ?? وفد کي آگاهه ڪيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي سطح تي سڌارا ڪيا پيا وڃن، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نظام ۾ ليڪجز جو خاتمو ۽ بجلي جي چوري جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن، رياستي ملڪيي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن سان قومي خزاني کي فائدو ٿيندو. وزير??عظ?? چيني ڪمپنين جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان چين جي سي سي جي حوالي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي ۾ لائين ون جي اپ گريڊيشن، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ، خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ، گوادر بندرگاهه ۽ ايگري ڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز سي پيڪ جا ترجيحي منصوبا هوندا. چيني ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏنو. چيني ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير را??ا تنوير حسين، وفاقي گهرووزير سيد محسن رضا نقوي، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزير??عظ?? جي خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.