اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي ??لامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، قومي ??لامتي جي معاملن کي خطن وانگر عام نه ڪرڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اٽارني جنرل آف پاڪستان اسٽيٽ جو نمائندو آهي، سندس پاران ان ڪئميره بري??نگ جي پيغام کي حق??قت کان هٽي ڪري ڏٺو ويو، اٽارني جنرل پاران ان ڪئميره بري??نگ جي ريڪوئسٽ قومي ??لامتي جي ڪري ڪئي وئي هئي، اسان کي قومي ??لامتي کي سمجهڻ گهرجي، اٽارني جنرل پنهنجي سمورن تاثرن کي واضح ڪري ڇڏيو آهي، قومي ??الامتي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن چيو ته قومي ??لامتي جي معاملن کي اهڙي طرح خطن جي ذريعي سوشل ميڊيا تي اجاگر نه ڪرڻ گهرجي، ڪو معاملو ڊسڪس ڪرڻ?? هجي ته چيف جسٽس فل ڪورٽ گهرائي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ڇڪتاڻ واري ماحول کي گهٽ ڪري سمورن ادارن کي گڏجي هلڻو پوندو.