اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 94.8 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان اپريل تائين و??پاري خسارو 21.6 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 17.7 ارب ڊالر تي اچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 22.6 ارب ڊالر هو. اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي ناڻي ۾ 3.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 23.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 23 ارب ڊالرن جو پرڏيهه مان اماڻيل ناڻو رڪارڊ ٿيو هو. حڪومت جي سڌارن و??رين پاليسين ۽ معاشي بحالي لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 8.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي هڪ ارب 50 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي وئي، جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر رڪارڊ ٿي هئي. هلندڙ مالي سال دوران ??ٽا??ٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ به چڱو اضافو ٿيو آهي ۽ اهي وڌي 14 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن. هن وقت اسٽيٽ بئنڪ وٽ ??ٽا??ٽا جي ناڻي جا ذخيرا 8 ارب 90 ڪروڙ ڊالر آهن. معاشي سڌارن جي نتيجي ۾ روپئي جي قدر ۾ لاٿ جو سلسلو رڪجي ويو ۽ جون 2023ع کانپوءِ ر??پئي جي قدر ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو جو رڪارڊ ٿيو.