اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران جولاءِ 23ع کان مارچ 24ع تائين تيل جي کپت ۾ گذريل مالي سال جي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ گهٽتائي واقع ٿي. جا??ي اقتصادي سروي 24-23ع مطابق گذريل سال جي ان عرصي ?? تيل جي طلب 13.3 ملين ٽن رهي هئي جيڪا هلندڙ مالي سال دوران 12.3 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي آ??ي. تيل جي طلب ۾ گهٽتائي هاءِ اسپيڊ ڊيزل، پيٽرول ۽ فرنس آئل جي طلب ۾ کوٽ سبب ڏسڻ ۾ آئي آ??ي، جيڪا اسان جي مجموعي طلب جو 95 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هلندڙ مالي سال دوران ان عرصي ۾ پيٽروليم شين جي مجموعي طلب 17.5 ملين ٽن رهي آ??ي.