دوشنبي – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ??نگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دوشنبي کان تاجڪستان جي گادي واري شهر آستانه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف 3 ?? 4 جولاءِ تي آستانه، قازخستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي اي?? ايس) جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان ويندو. ساڻس نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اس??اق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ گڏ هوندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. وزيراعظم ايس سي او خطي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ??ي اربع ڏينهن روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف سان ملاقاتن جو امڪان آهي. اڄ پاڪستان ترڪيه ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٽي ڌريي ڳالهه ٻولهه جو دور ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم جي به شرڪت جو امڪان آهي. وزيراعظم اڄ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اعزاز ۾ قازخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيوف پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو.