اسلام آباد-06 جولاءِ(اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري مسعود پزشڪيان کي ايران جو صدر چونڊجڻ تي دلي ??با??ڪون ڏيندي، ان اميد جو اظهار ڪيو آهي، ته سندس قيادت ۾ پاڪ -ايران لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ايوان صدر جي پريس ونگ ??ان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائ??چا??ي وارا لاڳاپا آهن. صدر پاڪستان ان اميد جو اظهار به ڪيو ته توهان جي قيادت ۾ پاڪ- ايران لا ڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ خطي جي امن و امان ۽ خو??حا??ي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.