اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف رات دير تائين پاڪستاني جيولين ٿرو ايٿليٽ، ارشد ن??يم جي پيرس اولمپڪس ۾ پرفارمنس کي سڌوسنئون ڏٺو ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ سوني جو تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آه??. ڪالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز ش??يف ارشد ن??يم جي شاندار ڪاميابي ۽ جيولين ٿرو ۾ نئون اولمپڪس رڪارڊ قائم ڪرڻ تي پاڪستان زندهه آباد جو نعرو هنيو. وزيراعظم ٽن ڏهاڪن کانپوءِ اولمپڪس مقابلن ۾ تمغو کٽڻ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان جيڪا فصل خادم اعليٰ پنجاب طور يوٿ فيسٽيول جي ذريعي پوکيءَ، ان جا شاندار ثمر سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري رهيا آه??، منهنجي لاءِ اها فخر جي ڳالهه آه?? ته ارشد ن??يم جهڙي باصلاحيت نوجوان کي دريافت ڪرڻ جي لاءِ ال??ه رب العزت مون ناچيز کي وسيلو بڻايو. ان کان اڳ وزيراعظم ارشد ن??يم کي نه رڳو سوني جو تمغو کٽڻ تي پر اولمپڪس جو نئون عالمي رڪارڊ به قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پوري قوم کي ارشد ن??يم تي فخر آه??. هن چيو ته ارشد ن??يم پوري پاڪستاني قوم کي تمام گهڻو خوبصورت تحفو ڏنو آه??. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:17