اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وزير مح??ن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.گذريل ڏ??نهن ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير مح??ن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ ??اقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير مح??ن نقوي ڪي پي ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي انساني حياتين جو نقصان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير مح??ن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.