اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ?? گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته پاليسي ريٽ ?? گهٽتائي سان پاڪستاني معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته ناڻي واڌ جي شرح ۾ تيزي سان ٿيندڙ گهٽتائي جي ڪري وياج جي شرح ?? گهٽتائي آئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ مهينن ۾ ناڻي واڌ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته معيشت جي بحالي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون سار??هه جوڳيون آهن.