اسلام آباد -16 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ??هي، ته حڪومت سماجي، اقتصادي ۽ عدالتي سڌارن لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو مقصد ملڪ کي تيز تر اقتصادي ترقي جي رستي تي آڻڻ آهي. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چٽن لفطن ۾ چيو ??ه ڪنهن کي به ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ??ه دوست ملڪن ايندڙ پنجن سالن ۾ پا??ستان ۾ 27 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ??ه سعودي عرب 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ??هي، جڏهن ته گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت 10-10 ارب ڊالرز، آذربائيجان 2 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪندا. هن چيو ??ه چين سي پيڪ جي ٻئي مرحلي لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي. هن چيو ??ه چين ترقي، روزگار، جدت، سرسبز معيشت ۽ علائقائي ترقي سميت پنجن نيون راهداريون کولڻ جي خاطري ڪرائي آهي. وفاقي وزير چيو ??ه ڊينمارڪ جي هڪ ڪمپني پا??ستان جي بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي جي شعبي ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو ??هي.