فيصل آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) ??وس??يات کاتي ا??ڪٿ?? ڪئي آهي ته ملڪ جي مٿاھين ۽ وچ وارن علائقن ۾ 26 سيپٽمبر کان پھرين آڪٽوبر تائين تيز ھوائن ۽گج گوڙ سان بر??اتن جو امڪان آهي. ??وس??يات کاتي جي ترجمان ٻڌايو ??ھي ته 25 سيپٽمبر جي رات کان گهم واريون ھوائون نار بنگال کان ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿينديون ۽ ھڪ اولھه جي لھر 26 سيپٽمبر تي ملڪ جي مٿاھين وارن علائقن ۾ داخل ٿي رھي آھي. جنھن سبب وقفي وقفي سان تيز ھوائن ۽ گج گوڙ سان بر??ات جڏھن ته ان دوران ڪجھه ھنڌن تي تيز بر??ات جو پڻ امڪان آھي. ??وس??يات کاتي وڌيڪ ٻڌايو آهي ته 26 سيپٽمبر جي شام ۽ پھرين آڪٽوبر تائين فيصل آباد ڊويزن جي چئني ضلعن فيصل آباد، جھنگ، ٽوبا ٽيڪ سنگھه، چنيوٽ سميت اسلام آباد، راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، تلا گنگ، جھلم،منڊي بھاالدين،گجرات، گوجرانوالا، لاھور، شيخوپوره، سيالڪوٽ، نارووال، حافظ آباد، وزير آباد جڏھن ته 27 سيپٽمبر جي رات کان پھرين آڪٽوبر دوران ساھيوال، ننڪانه صاحب، خوشاب، سرگوڌا، ميانوالي، اوڪاڙه، پاڪپتڻ، قصور ۽ ڀڪر ۾ تيز ھوائن، طوفان ۽ گج گوڙ سان گڏ بر??اتن جو امڪان ??ھي ھن چيو ته تيز بر??اتن سبب مري، گليات، منسھره، ڪوھستان، چترال، گلگت بلتستان، دير، سوات، شانگله، نوشھره، صوابي، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي وھڪر ۾ اضافي جو امڪان ??ھي جڏھن ته تيز بر??ات سبب اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاھور، شيخوپوره، قصور ۽ سيالڪوٽ جي ھيٺاھين علائقن ۾ شھري ٻوڏ اچي سگھي ٿي. ھن چيو ته طوفان اچڻ، جھڪ ھلڻ ۽ گج گوڙ سبب روزمره جا معاملا متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي ۽ ڪمزور انفراسٽرڪچر، ڀتين، بجلي جا ٿنڀن، بل بورڊز، گاڏين ۽ سولر پينل کي نقصان پھچڻ جو خدشو آھي. ھن چيو ته آبادگار ??وس??ياتي ا??ڪٿ?? کي نظر ۾ رکي پنھنجا معاملا ترتيب ڏين. ان کانسواءِ مسافر ۽ سير تي ويندڙ ماڻھو سفر دوران وڌيڪ محتاط رھن ۽ ??وس??ي حالتن مطابق پنھنجي سفر جو انتظام ڪن جڏھن ته تيز بر??اتن دوران ڪنھن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ ??وس?? بابت آگاھي حاصل ڪن.