اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پ?? پي) اسلام آباد پوليس شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي لاءِ سخت گائيڊ لائنز جاري ڪندي انتهائي فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. آءِ جي اسلام آباد پوليس آفيس مطابق جاري ڪيل گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ سيڪيورٽي زون ۽ ايس سي او اجلاس جي منعقد ٿيندڙ جاءِ جي چئني پاسي غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا جي اجازت نه هوندي. جڏهن ته رستن جي سيڪيورٽي کي ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي يقيني بڻايو ويندو. آءِ جي آفيس مطابق ڪانفرنس جي جاءِ تي ڪنهن کي موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، ڊيوٽي تي موجود اهلڪار خصوصي رنگ جا جاري ڪيل ڪوڊنگ ڪارڊ استعمال ڪندا. ڊي جي سيف سٽي ڊيجيٽل سرويلنسز جو ذم??وار هوندو. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڪانفرنس جي جاءِ سميت ٻين جاين جي سيڪيورٽي جو ذم??وار هوندو، سڄي شهر جي سيڪيورٽي جي ذم??وري ڊي آءِ جي اسلام آباد جي هوندي. چيف ڪم??نر ۽ ڊي سيز لاڳاپيل شامل فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو سروسز جا ذم??وار هوندا.