لاهور -23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پوليو کان حفاظت جو عالمي ڏينهن 24 آڪٽوبر تي مل??ايو پيو وڃي. پوليو جي عالمي ڏينهن جي موقعي ??ي سڄي ملڪ ۾ صحت ک??تي پاران مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ صحت جا ماهر پوليو کان حفاظت بابت اپائن تي روشني وجهندا جڏهن ته عوام کي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا حفاظتي ڦڙا پيارڻ لاءِ آگاهي فراهم ڪندا. پاڪستان ۾ ان ڏينهن جي موقعي تي پوليو ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن کي خراج ??حسين پيش ڪرڻ لاءِ مختلف خانگي ?? سرڪاري ادارن سميت صحت ک??تي پاران خاص پروگرام منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ پوليو جي روڪٿام جي حوالي سان خاص پروگرام نشر ۽ مضمون شايع ڪيا ويندا.