اسلام آ??اد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) اڳوڻي خاتون اول نصرت ڀٽو جي ورس?? 23 ??ڪٽوبر تي مل??ائي ويندي. نصرت ڀٽو 23 مارچ 1929ع تي ايران جي شھر اصفھان ۾ جنم ورتو. سندس شادي پيپلزپارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذولفقارعلي ڀٽو سا?? 1951ع ۾ ٿي ھئي. نصرت ڀٽو جي ٻارن ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شھيد، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، صنم ڀٽو ۽ مير شاهنواز ڀٽو شامل آھن. مادر جمھوريت نصرت ڀٽو مل??، عوام ۽ جمھوريت لاءِ قربانين جي ھڪ تاريخ رقم ڪئي، ھوءَ 23 آڪٽوبر 2011ع تي دب??ي ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. سندس ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي انتظام ھيٺ دعائن لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ کيس قومي ۽ سياسي خدمتن جي اعتراف ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.