واشنگٽن _24 آگسٽ (اي پي پي )ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چي?? آهي ته پاڪستاني معيشت ۾ جاري سڌارن جو مقصد مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائڻ ۽ معيشت کي پائيدار ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ آهي ، انهن سڌارن ۾ ٽيڪس ۾ اضافو، غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ شامل آهي، حڪومت مالياتي نظم و ضبط کي بهتر بڻائن لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن مالياتي خساري تي ضابطو آڻي سگهجي. انهن خيالن جو اظهار هن واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي ادارن جي اختيارين ۽ مختلف اهم شخصيتن سان ڪيترين ئي ملاقاتن ۾ ڳالهائيندي ڪيو . ناڻي وزارت طرفان جاري بيان مطابق سينيٽر محمد اورنگزيب آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀري?? آهي ته اهي ماحولياتي خطرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۾ اضافو ڪن ۽ سماجي تحفظ جي قدمن کي پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ شامل ڪن. ملاقات دوران هن قرضن جي ادائيگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو . هن ڍوئچي بينڪ ۽ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بينڪ سميت مختلف بينڪن جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون . ناڻي وزير آئي ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن تي زور ڀريو ته هو ماحولياتي خطرن کي منهنن ڏيندڙ ملڪن لاءِ امداد ۾ اضافو ڪن ۽ پنهنجي امدادي فريم ورڪ ۾ سماجي تحفظ جا قدم شامل ڪن ته جيئن انهن ملڪن کي معاشي بحالي ۾ مدد ملي سگهي . هن اها تجويز پيش ڪئي ته قرضن جي ادائيگي ۾ نرمي ڪئي وڃي ۽ رعايتي قرضن جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ته جيئن مالياتي مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ ملڪن کي سهولت فراهم ڪري سگهجي ?? هو ماحولياتي چئلينجز جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪري سگهن . انهن قدمن جو مقصد مالياتي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي.