اسلام آباد- 01 نومبر (اي پي پي ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير مح??ن نقوي مستونگ ۾ سول اسپتال چؤڪ ويجهو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائي بربريت جو مظاه??و ڪيو ويو. معصوم ٻارن جي حياتين سان کيڏندڙ وحشي ڪنهن قسم جي رعايت جا حقدار ناهن. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير مح??ن نقوي معصوم ٻارڙن ۽ پوليس اهلڪار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو. مح??ن نقوي شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ??و اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته معصوم ٻارن کي نشانو بڻائڻ جي واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي گهٽ آهي. حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن سان گڏ آهي. وفا??ي گهرو وزي?? زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.