اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ روس جي ??يڊريشن ڪائونسل ??ي اسپيڪر سا?? ملاقات ڪئي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو اسپيڪر ۽ پارلياماني وفد جي ??يڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. اسپيڪر روس جي ??يڊريشن ڪائونسل ??ي اسپيڪر ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جو شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو پنهنجي ??اڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي ??ارليامينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطر??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي کي روس قدرجي ??گاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب جي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهيو. قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي ??اڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي خاطري کي ساراهيو. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيو?? ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي ??ٽاسٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي ملڪن جي ??ارليامينٽ جي ??يمبرن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، اقتصادي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار اياز صادق ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جي ??نهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني،سفارتي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. اسپيڪر جي روس جي دوري کي ويلنٽيناميٽ ويانڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي ??اپاري برادري ۾ رابطا انتهائي اهميت وارا آهن. پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي ??يمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.