اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ پاڪس??ان جي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪس??ان فلسطينين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي، اسرائيلي ڏاڍمُڙسي ۽ خ??ي جي ٻين ملڪن جي خلاف مسلسل جارحيت پوري خ??ي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، آزادي، وقار ۽ انصاف جي لاءِ فلسطيني عوام جي جائز جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، عالمي برادري فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ کي روڪڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلسطينين سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پن??نج?? پيغام ۾ ڪيو. هن چ??و ته هي ڏينهن هڪ اهڙي وقت ۾ ملهايو پيو وڃي جڏهن اسرائيل پاران جاري فوجي مهم غزه ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ نسل ڪشيءَ، بنيادي ڍانچي ۽ رهائشي علائقن جي تباهي، مصيبتن ۽ فلسطينين جي لڏپلاڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. صدر چ??و ته پاڪس??ان 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو حامي آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چ??و ته گذريل سال دوران عالمي انساني قانونن جي واضح خلاف ورزي ۾ اسرائيلي قدمن جي ڪري ٻارن ۽ عورتن سميت 45 هزار کان وڌيڪ فلسطيني پن??نج??ن حياتيون وڃائي چڪا آهن. صدر چ??و ته اسرائيل پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي سان گڏوگڏ ٻين امدادي ايجنسين جي ڪم ۾ رڪاوٽون وجهي لکين فلسطينين جي زندگين کي بچائيندڙ انساني امداد کان ڄاڻي واڻي محروم ڪيو پيو وڃي. آصف علي زرداري چ??و ته اسرائيلي ڏاڍمُڙسي ۽ خ??ي جي ٻين ملڪن جي خلاف مسلسل جارحيت پوري خ??ي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. هن چ??و ته پاڪس??ان انهن جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي برادري تي زور ڏي ٿو ته اها فلسطيني عوام جي نسل ڪشيءَ روڪڻ جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. صدر چ??و ته عالمي ضمير اسرائيلي قبضي جي ڪري شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيندڙ لکين ماڻهن جي خراب حالت کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. هن چ??و ته اسان سمجهون ٿا ته جاري اسرائيلي قبضو ۽ عالمي قانونن جي مسلسل بي توقيري خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. صدر چ??و ته اڄ پاڪس??ان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، لکين فلسطينين جون مصيبتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ اسرائيل کي ان جي قدمن تي جوابده قرار ڏيڻ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. صدر چ??و ته اسرائيلي قدمن کي انصاف جي عالمي عدالت بجا طور تي ”قرينِ قياس نسل ڪشيءَ“ قرار ڏنو آهي، پاڪس??ان ان سلسلي ۾ اسرائيل ۽ ان جي قيادت جي احتساب جي لاءِ سمورن قدمن جي آجيان ۽ حمايت ڪري ٿو، اڄ جو ڏينهن فلسطيني عوام جي لاءِ انصاف ۽ برابري يقيني بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل ذميواري جي زوردار ياد ڪرائي ٿو. هن چ??و ته پاڪس??ان فلسطين جي حمايت جاري رکندو ۽ هو ??لسطينين جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي.