اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر شب??ر شريف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميجر شب??ر شريف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل س??ن ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنجي عددي برتري جي باوجود دشمن ميجر شب??ر شريف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجو??ن نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي عددي برتري کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر شب??ر شريف شهي?? نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر شب??ر شريف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.