لاڙڪاڻو – 24 ڊسمبر (اي پي پي)سڄ?? دنيا سميت لاڙڪاڻي ۾ به ڪالهه بي بي فاطمة الزھراء ??ضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. تفصيل مطابق حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جن جي پياري نياڻي، خاتون جنت، حضرت علي رض?? جي گهرواري ۽ امام حسن ۽ امام حسين رضه جن جي والده ماجده بي بي فاطمة الزھراء ??ضه جن جي ولادت جو ڏھاڙو عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو. ان سلسلي ۾ شھر جي انجمن پنجتني کچي امام بارگاه ۽ امام بارگاه جعفريه سميت مختلف امام بارگاهن مسجدن ۾ ولادت باسعادت جو جشن ملھايو ويو. ڪيڪ ڪاٽيا ويا، عالم سڳورن ۽ ذاڪرين بي بي سيده فاطمة الزھراء ??ض?? جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ لاڙڪاڻي جي مشھور قصيدہ خوانن سائڻ بي بي فاطمه الزهراء ??ي شان ۾ قصيدا چيا آخر ۾ علماء ڪرام پاڪستان ۽ مسلمان امت جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا خير گھري وئي.