اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي خودڪش حملو ڪندڙ اسلام، انسانيت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون ??هش??گرد ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني قوم ??هش??گردي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ??هش??گردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽ?? فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ??هش??گردي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??هش??گردن جو نظرياتي بنياد ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻ?? قتل ۽ خودڪش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون ??هش??گرد ڪارروايون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن خودڪش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.