اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سلطانت عمان جي پرڏيهي وزير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي واديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه ع??ي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏيل ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪ??تا?? جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن ميتن جي پاڪ??تا?? واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪ??تا??ي زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کانسواءِ عوام جي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراع??م ۽ پرڏيهي وزير هن هفتي جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پاڪ??تا?? اچڻ جي آجيان ڪئي جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لا??ِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي وزارت جي سطح تي دورن جي مٽاسٽا تي اصولي طور تي اتفاق ڪيو ويو جنهن جي لا??ِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.