اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئ??. و??اقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پا?? فوج جي سربراهه جنرل قمر جا??يد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آه??. و??اقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آ??ِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پا??مرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.