ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سي پيڪ جي قرضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا با??ت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز جي بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پاڪستان جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي ??رض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چين جو ??رض 18 ارب ڊالر آهي، چين جو مجموعي ??رض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چين کان ورتل ??رض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مدي وارو به آهي، سي پيڪ جو ??رض مجموعي ??رض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، چين سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪ?? سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا با??ت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز ??ار??ن سي پيڪ با??ت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.