اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪابينا کان منظور ڪيل اي ڪامرس پاليسي ۽ نيشنل ٽيرف پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن پاليسي تي عملدرآمد ٿئي ۽ ان جي ثمرن کان ڪاروباري برادري فائدو کڻي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪردار جو تعين ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامرس ڊويزن جي ڪارڪردگي ??ي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.