اسلام آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽيون حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائ?? هلن، ڪرونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آ??ي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي ??ئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪري حڪومت کي هدايت ڏني وئي ته اهي ??دم فوري طور ??ي کنيا وڃن.