ا??لا?? آباد – 17 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته ڪرغزستان کان پاڪستاني شاگردن ۽ ٻين شهرين جي واپسي لاءِ سفري انتظام ??يا پيا وڃن، ٻاهري?? ملڪ ڦاٿل سمورن پاڪستانين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته تقريبن 9 هزار شاگرد ڪرغزستان ۾ موجود آهن، اتي رات کان صبح تائين ڪرفيو لاڳو هوندو آهي جن??ن تي سختي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ماسڪ کانسواءِ يا غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ تي ماڻهو گرفتار ڪيا ويندا آهن، انهن حالتن ۾ پاڪستان کي پنهنجي شهرين جو خيال آهي ۽ انهن جي سهولت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.