اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي ح??الي سان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃ??، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غير??رق??اتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ??رق??اتي خرچ وڌايا وڃن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراعت جي ??رق??، غيرضروري حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن تي خاص ڌيان ڏين. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مالي سال 21 – 2020ع جي مجوزه بجيٽ جي ح??الي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان جي معاشي ٽيم پنهنجي پنهنجي صوبن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ جي ح??الي سان زميني ح??يقتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي ح??الي سان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غير??رق??اتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ??رق??اتي خرچ وڌايا وڃن.