اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچين?? تي ڪيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم دهشتگردي جي ڪارروائي کي ناڪام بڻائيندڙ بهادر سپاهين ۽ محافظن کي سلام پيش ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جون تصويرو?? پڻ شيئر ڪيون.