اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ ت?? ڀارت پاران غيرقانون?? ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ ج?? ڀارتي ا??ادن جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي عالمي برادري ۽ عالمي ا??ارن ک?? ڀارت ??ي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ا??ادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي عالمي سطح تي ا??اگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ ت?? ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن امان جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪن جي پر??يهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ ج?? ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پر??يهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن ک?? ڀارتي ا??ادن کان آگاهه ڪيو.