اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي نوجوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فو??س ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و ته ٽائيگر فو??س جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪارن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چ??و ته ٽائيگر فو??س هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ث??بت ڪ??و ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چ??و ته ٽائيگر فو??س جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينهن کي ٽائيگر فو??س جي رضاڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چ??و ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمتن کي ساراهيو ويندو.