اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چين سان پاڪستان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي اطمينان بخش قرار ڏيندي چيو آهي ته هر آزمائش تي ??ورو لهندڙ تزويرات?? تعاون تي ??ڌل اسان جي حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، چين جي بنيادي قومي مفادن جي سلسلي ۾ پاڪتسان ان جي حمايت جاري رکندو، عوامي جمهوريه چين جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي چيني وزيراعظم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هو حڪومت پاڪستا??، عوام ۽ پنهنجي پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪري ٿو، هن چيو ته پهرين آڪٽوبر 1949ع تي ??ئين چين جي قيام تاريخ ۾ يادگار حيثيت رکندڙ آهي، چين ڪميونسٽ پارٽي جي زير قيادت اعتدال پسند، خوشحال معاشري جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آهي?? وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته پاڪ چين ٻه طرفا لاڳاپا سدائين مستحڪم رهيا، پاڪ چين ٻه طرف?? تعاون تي ??ڌل تذويراتي حصيدار مضبوط کان مضبوط ٿيندا رهيا آهن