اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا جي دوران ا??ان جي حڪومت جو ڌيان ماڻهن ??ون زندگيون بچائڻ، معاش جي ذريعن ۽ معيشت کي فروغ ڏيڻ تي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ٻين قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ڦهلاءُ جي روڪٿام ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريليا جي وزيراعظم اسڪاٽ موريسن ??ان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو.