ڪرا??ي ?? 11 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن سميت معاشري جي سمورن ڪمزور طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيند?? چيو آهي ته انهن کانسواءِ مجموعي ترقي جا مقصد حاصل نٿا ٿي سگهن، مسئلن جي حل جي حوالي سان بهتر منصوبابندي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آ??ن، ان سلسلي ۾ احساس پروگرام تحت معذور ماڻهن جو سروي ڪيو پيو وڃي، ڪمزور طبقن جو تحفظ ۽ ڀلائي موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پُرعزم ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس ۽ ورچوئل نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن کي ??طاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي حقن کي ??جاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي تحفظ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ عورتن، خصوصي ماڻهن ۽ ٿيليسيميا جي مريضن سان مختلف وقتن ۾ ويهڪن جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي صدر عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن لاءِ مهم جي قيادت ڪرڻ تي بيگم ثمينه عارف علوي کي ??راج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي بابت منصوبابندي لاءِ ضروري آ??ي ته انهن جي تعداد بابت درست انگ اکر موجود هجن، ان مقصد لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ سروي ڪيو پيو وڃي، هن چيوته وراثت ۾ عورت جو حق ڏيڻ احسان نه پر ذميداري آ??ي.