اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ جمعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ آزاد ميمبرن جي ڀرپور حمايت سان کٽيندي، پي ڊي ايم جهڙي طرح پهرئين مرحلي ۾ ناڪامين ۽ مايوسين جي ور چڙهي انهي طرح ٻيهر ٻڙي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ به ناڪام رهندي، جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ قانون جي دائري ۾ هوندو ته انهن کي نه روڪينداسين، 22 ڪروڙ عوام ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڪرپشن کي تحفظ نه پر ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ رستن تي ايندي آهي، مريم نواز جي بيان مان ثابت ٿي چڪو آهي ته هو ??ڄ جمعي تي ٿيندڙ سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي اليڪشن هارائي چڪا آهن، وزيراعظم عمران خان ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ پا??ٽي کي ٻيهر فعال ۽ منظم ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن، حڪومت جي ڪارڪردگي کي بهتر انداز اسان اجاگر ڪيو ويندو. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائ?? رهيو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن ۽ تجويزن تي غور ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پا??ٽي جي عهديدارن کي هدايتون ڏنيون ته پا??ٽي کي هيٺين سطح تائين فعال ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ پا??ٽي جي ڪارڪنن کان روزاني جي بنياد تي ملاقاتون ڪيون وڃن. ان حوالي سان پا??ٽي جي عهديدارن کي مختلف ذميداريون سونپيون ويون آهن. هن چيو ته پا??ٽي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو ??ه فيصلو ڪيو ويو آهي ته حڪومت ۽ صوبا ڊولپمينٽ ۽ معيشت جي شعبي ۾ ترقي، اداره جاتي سڌارن، وزارتن جي ڪارڪردگي کان قوم کي آگاهه ڪن ان حوالي سان باقاعده ??ڪم?? عملي جي ذريعي اڳتي وڌن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز چيو ته اسان اڄوڪي اليڪشن جي لاءِ بلڪل تيار، اتحادي پارٽين ۽ آزاد ميمبرن سان گڏجي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو اليڪشن کٽينداسين.