اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس ڏينهن لاهور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، ان دوران هو پنجاب پيري اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم جي منصوب?? جي شروعات ڪندو. 10 کان وڌيڪ سا??يٽن جي منصوب?? جي شروعات لاءِ چونڊ ڪئي وئي آهي. منصوبو شروع ڪرڻ جي وڏي تقريب رائيونڊ ۾ ٿيندي جنهن ۾ وزيراعظم خاص مهمان هوندو. هي اسڪيم پنجاب جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ٺاهي وئي آهي. هن منصوبي کي پنجاب ح??ومت ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊي??لپ??ينٽ اٿارٽي جي ح??يداري سان عملي شڪل ڏني پئي وڃي. منصوبي تحت ننڍي رهائشي ڪالونيون، جن ۾ اڪثر 100 کان 500 هائوسنگ يونٽ شامل آهن، پنجاب جي ڀرپاسي وارن شهرن ۽ ڳوٺن جي ڀرپاس?? جي علائقن ۾ تعمير ڪيون وينديون. بورڊ آف روينيو پنجاب ذريعي زمين انتهائي گهٽ قيمت تي فراهم ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ بورڊ آف روينيو پنجاب صوب?? جي 35 ضلعن ۾ 133 سا??يٽس جي آڇ ڪئي آهي. پنجاب ح??ومت پهرين مرحل?? جي سا??يٽس جي لاءِ جاين تي لينڊ ۽ انفراسٽرڪچر ڊي??لپ??ينٽ جي ڪمن جي لاءِ فنڊز ڏئي رهي آهي. ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي انهن سا??يٽس کي تيار ڪندا ۽ ننڍا هائوسنگ يونٽ (3.5 مرله) تعمير ڪندا. انهن سا??يٽن ۾ توسيع جي گنجائش آهي جنهن جي ڪري بعد ۾ انهن جاين تي وڌيڪ 4000 گهر شامل ڪري سگهجن ٿا. توسيع وارو منصوبو هجڻ جي ڪري ان منصوبي کي بعد ۾ پنجاب جي سمورن 143 تعلقن تائين مرحليوار وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان چنيوٽ، ڊ?? جي خان، چونيان، خانيوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، ميانوالي، جلال پور پير والا ۽ سرگوڌا ۾ سا??يٽس تي ورچوئل طور تي ڪم جي شروعات ڪندو.