اسلام آباد – 31 آگسٽ (ا?? پ?? پ??) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته جيڪڏهن توهان صحافين جا ايترا ئي خيرخواهه آهيو ته بلاول صاحب ٻڌايو بطور انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل کي التوا ۾ ڇو رکيو آهي، جرنلسٽ پروفيشنل اينڊ پروٽيڪشن بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ رڪ??ل آهي ان جو نقصان صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ٿي رهيو آهي، اهو قانون ٺهي وڃي ته صحافين کي 100 سيڪڙو تحفظ ملندو، پي ايم ڊي اي جي ذريعي صحافين، ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي وقت سر ادائيگي ۽ نوڪرين جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويو آهي، مخالف ڌر تنقيد براءِ تنقيد پاليسي تحت پي ايم ڊي اي جي مخالفت ??ري رهي آهي، پي ايم ڊي اي ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تربيت کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، معاشي استحصال تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ک?? پ??هنجي حقن جي لاءِ موثر پليٽ فارم ملندو، بلاول زرداري پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) کي پڙهڻ کانسواءِ ئي رد ??ري سياسي اناڙي هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. بلاول زرداري جي بيان تي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول ٻڌائي ته سنڌ ۾ اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ سميت صحافين تي حملن ۽ صحافين جي قتل جي وا??عن تي اڄ تائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي، پراسرار خاموشي تي صحافي برادري ۽ متاثر صحافي خاندانن کان معافي وٺندا. هن چيو ته سنڌ ۾ ذخيره اندوزن جي حڪومت آهي، انهي جي ??ري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سنڌ ۾ آهي، حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي ذخيره اندوزن ج?? پ??ڀرائي ??ري رهي آهي، بلاول صاحب ٻڌائي ته ڪيستائين سنڌ جي عوام کي انهن ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي مسلسل ٽيون ڀيرو سنڌ تي حڪومت ??ري رهي آهي پر سنڌ جي عوام جا مسئلا جيئن جو تيئن آهن، اڄ تائين ڪراچي سميت سنڌ جي عوام ک?? پ??ئڻ جو صاف پاڻي فراهم نه ڪندڙ ڪهڙي منهن سان وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا.