ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان ??وري چيو آهي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان ??ڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا بلوچستان ??و ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر بلوچستان ??و چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ بلوچستان ??ورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي آءِ بلوچستان ??و س??ڪر??ٽري اطلاعات آ??ف ترين ۽ ٻيا پارٽي عهديدار ۽ نادرا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران ??ان ??ي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.