اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي، قبضا ختم ڪرائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لاءِ سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪشمير ڊولپمينٽ پي??يج تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، آزاد ڪشمير جي ناڻي واري وزير عبدالماجد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪشمير ترقياتي پي??يج ۾ تجويز ڪيل منصوبن ۽ انهن جي لاڳت تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪشمير ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ حڪومت پاران انتظامي معاملن جي حوالي سان سڌارن تي به آگاهه ڪيو ويو. ترقياتي پي??يج ۾ اهم شاهراهن، پُلين ۽ سرنگهن جي تعمير شامل آهي، ب??يفنگ ۾ ٻڌايوو وي?? ته انفرااسٽرڪچر جي بهتري سان سياحت کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿيندي، پي??يج ۾ شهري انتظامي معاملن جي حوالي سان به منصوبا شامل آهن، شهرن ۾ موجود گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کنيا، ان شروعاتي مهينن ۾ نه رڳو قبضن جي خلاف وڏو آپريشن ڪيو پر 1200 ٽن گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳايو ويو، توانائي جي شعبي سان گڏوگڏ پي??يج ۾ سياحت کي خصوصي اهم??ت ڏني وئي آهي، سياحتي ماڳن جي نشاندهي ڪري انهن کي شاهراهن سان جوڙيو ويندو. سياحتي ماڳن ۾ سڪي ريسارٽ بڻائڻ لاءِ به جڳهه جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، ب??يفنگ ۾ ٻڌايو وي?? ته پي??يج ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي بهتري ۽ تعليم جي شعبي لاءِ به هڪ وڏي رقم رکي وئي آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنيادي سهولتن جي فراههمي به پي??يج جو حصو هوندي.پي??يج ۾ صنعتي ترقي ۽ ماحوليات جي درستگي لاءِ به وڏا منصوبا شامل آهن، ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو وي?? ته وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي منصوبن، صحت ڪارڊ، نوجوانن لاءِ روزگار، هارين ج?? مدد ۽ گهٽ لاڳت رهائش حاصل ڪرڻ جي دائري ڪارکي وسيع ڪري ڪشمير کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چي?? ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف هجڻ گهرجي. قبضا هٽائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، اسلام آباد جي ماڊل تي به ريڙهي وارن جي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چي?? ته سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي فروغ لاءِ سهولتن سان گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن.