اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته پيپلزپارٽي بلدياتي ادارن کي مفلوج بڻائي نظام هلائڻ چاهي ٿي، اهو ڪارو قانون آهي، اڄ ملڪ جون جيڪي معاشي حالتون آهن ان جو ذميدار بلاول جو والد زرداري آهي، بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ هن چيو ??ه زرداري ملڪي ناڻي کي بي دردي سان لُٽيو، جعلي اڪائونٽس ٺاهيا، مني لانڊرنگ ڪئي، پيپلزپارٽي علائقائي پارٽي بڻجي ??ڪي آهي، هاڻي سنڌ مان به پيپلزپار??ي جو صفايو ٿيڻ وڃي رهيو ??هي. فرخ حبيب چيو ??ه 13 سان کان پيپلزپارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، پر ڪو به هڪ وڏو من??وبو سنڌ جي عوام کي نه ڏئي سگهي، گرين لائين بس، سرڪلر ٽرين، نالن جي صفائي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي ترقي جي من??وبن تي به وفاق ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. سنڌ جي عوام بلاول، زرداري ۽ ڪڻڪ چورن کان ڇوٽڪاري چاهي ٿي. مملڪتي وزير چيو ??ه بلاول ٻڌائي ته انهن ڪوئن جو ڇا ڪيو ??يڪي ارب??ن روپين جي ڪڻڪ کائي ويا آهن، پيپلزپارٽي حڪومت سنڌ جي عوام کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ، ٽينڪر مافيا، ڏوهاري پيشيور ماڻهن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ جيڪڏهن اٽو ۽ ڪڻڪ سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو ??هي ته اهو سنڌ جو علائقو آهي، پيپلزپار??ي جعلي ڊوميسائيل تي ڀرتيون ڪري ڪراچي ۽ ٻين ضلعن جي مقامي ماڻهن جو حق ماريو ??هي.