ميڊرڊ – 11 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن ميڊرڊ ۾ ٿنڪ ٽينڪس جي اعزاز ۾ آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي. آجياڻي جو اهتمام پاڪستان هائوس ميڊرڊ اسپين ۾ ڪيو ويو. اسپين ۾ پاڪستان جي سفير شجاعت راٺوڙ به پرڏيهي وز??ر سان گڏ هو. ٿنڪ ٽينڪ، جرنلسٽ ۽ ماهر، دفاعي ۽ عالمي معاملن سميت، مختلف زندگي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وز??ر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اسپي?? کي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي حوالي سان انتهائي اهميت وارو سمجهي ٿو، اسان جي حڪومت جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، شاهه محمود ??ريشي چيو ته اسان اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي دنيا جو ڌيان پاڪستان جي 200 ملين آبادي تي ٻڌل اڀرندڙ مارڪيٽ سيڙپڪاري ۽ واپار جا ميسر وسيع موقعن طرف ڏياري رهيا آهيون، پاڪستان اسپين سميت سڀني يورپي يونين ميمبر ملڪن سان گڏ بامقصد حصيداري جو خواهشمند آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، افغانستان ۾ قيام امن سان علائقائي رابط?? کي فروغ ملندو جيڪو اسان جي اقتصادي هدف?? کي حاصل ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيندو، مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون آهن، تيزي سان بدلجندڙ عالمي منظرنامي ۾ عام راءِ هموار ڪرڻ ۽ درپيش چئلينجن کان آگاهي ڏيڻ ۾ ٿنڪ ٽينڪ جو ڪردار بنيادي اهميت جو حامل آهي، معزز مهمانن پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود ??ريشي جو ٿورو ادا ڪيو.